سيد نويد قمر

سيد نويد قمر

سيد نويد قمر

سيد نويد قمر: سياسي شخصيت سيد نويد قمر شاهه 22 سيپٽمبر 1955ع تي ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو. سندس والد سيد قمرالزمان شاهه آهي، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي دؤر ۾ سينيٽر رهي چڪو آهي. سنڌ جو ناليوارو سياستدان، علمي ۽ ادبي شخصيت سيد ميران محمد شاهه سندس نانو هو، جيڪو پڻ ورهاڱي کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو پهريون اسپيڪر مقرر ٿيو ۽ ٻه ڀيرا اسپين ۾ پاڪستان جو سفير پڻ رهيو.
سيد نويد قمر 1976ع ۾ انگلنڊ جي مانچيسٽر يونيورسٽيءَ مان بي. ايس. سي آنرز ۽ 1979ع ۾ ڪيليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان ايم. بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن جو شمار پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينئر اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو. 1988ع ۾ سڀ کان پهرين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان کانپوءِ لڳاتار 1990ع، 1993ع، 1997ع، 2002ع ۽ 2008ع ۾ ٽنڊي محمد خان تڪ مان ايم. اين. اي چونڊجي چڪو آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ دفاع جو وزير رهي چڪو آهي. ان کان پهرين نجڪاري، پاڻي ۽ بجليءَ جو وفاقي وزير کانسواءِ واپڊا جو وزير پڻ رهي چڪو آهي. 2013ع جي چونڊن ۾ پڻ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو آهي.
نوٽ: 2018ع جي چونڊن ۾ پڻ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو آهي.


لفظ سيد نويد قمرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.09.22  عيسوي

سياسي شخصيت سيد نويد قمر شاهه 22 سيپٽمبر 1955ع تي ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهڏنو خاصخيلي فقير
حمل خان جت بلوچ
شمس عباسي آپا
قيصر خان چانڊيو
عبدالسميع ميمڻ
ڏاهري رضا محمد
پنهون فقير ٻرڙو
بابا حاجي ميرمحمد
ڏيرو رسول بخش
جيلاني سيد ڪرم الله شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون